Customer Service Centre: 9924513899245140

***08-07-2024**A fire was reported in a building on Stock Exchange II Chandragarh Road ****Emergency imposed on Napa and Sakhi Hasan hydrants of Water Corporation** Several tankers filled with water have been dispatched to the accident site. CEO Water Corp** The in-charge hydrants cell is in full communication with the fire brigade authorities. Engineer Syed Salahuddin Ahmed** Water tankers will be provided to the Karachi Fire Brigade until the fire is fully controlled. COE Water Corporation*****01-07-2024***PUBLIC NOTICE FOR / Groundwater Operator / Commercial Including Hosplitality Industries & Businessess /Healthcare Sector & Educational Institutions / Residential Complex The Karachi water and Sewerage Corporation , with the approval of its Board of Directors has framed the Groundwater ( Extraction, Comsumpion & Management) Regulations 2024 The Corporation is now inviting application from interested parties/applicants engaged or intend to engage in utilizing the ground water sources for thier potential needs . This initiative aims for sustainable and regulated use of water leading to effective conservation of groundwater resources.***-21-03-2024 ***On the special instructions of MD/CEO of Water Corporation,Engineer Syed Salahuddin Ahmed, the new website www.kwsc.gos.pk of the institution will be launched soon. https://www.kwsb.gos.pk/download-legal-info/ ** CLICK HERE FOR MORE INFORMATION The managing director played a significant role in overseeing and leading the efforts to create the new website. where public convenience and other information will be provided.**** Karachi:- ( ) CEO KWSC Engineer Syed Salahuddin Ahmed said in a message that he is proud to highlight the progress of the Water Corporation to ensure that the water supply and sewerage needs of Karachi are met on March 22, World Water Day, despite various civic challenges ******Constomer Services Center Lower Block A Ninth Mile Karsaz Shahrah Faisal Lal Qila Restaurant Karachi Phone:-021-99245138-43 Fax 021-99245190 Whatup:0319-2046357 *************** r**

14 آگسٽ 2023 / ميڊيا سيل / ايم ڊي / سي اي او / ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن

پريس ريليز:-

ڪراچي:- ( ) وطن عزيز پاڪستان جي 76 هين جشن يوم آزادي جي پر مسرت موقعي تي ايم ڊي سيڪريٽريٽ واٽر ڪارپوريشن ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب جشن آزادي جي تقريب جي مهمان خاص سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان هئا، تقريب جي شروعات واري عتيق الرحمن قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي بارگاه اقدس ۾ نعت مقبول صلم جي سعادت امين احمد حاصل ڪئي، مرڪزي تقريب جي شروعات قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ بعد ڪئي وئي جڏهن تہ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ بعد ملڪ جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي، مرڪزي جشن آزادي جي تقريب کي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد خطاب ڪندي سموري قوم کي آزادي جي مبارڪباد پيش چيو تہ جيڪي مُلڪ آزاد نہ آهن انهن کان پچو تہ آزادي ڇا ھوندي آھي، اڄوڪو ڏهاڙو قائد اعظم محمد علي جناح جي نظريي تي عمل جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو لمحو آهي، اڄ انهن سمورن ڌرتي جي پٽن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو موقعو آهي جن مادر وطن جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت لاءِ پنھنجون جانيون قربان ڪيون ڇاڪاڻ تہ جيڪي قومون پنهنجي شهيدن کي وساري ڇڏينديون آهن انهن جو ڌرتيءَ تان نالو ۽ نشان مٽجي ويندو آهي، جشن آزادي جي موقعي تي پنهنجو قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ وقت اسان کي قائد اعظم جي تصور مطابق پنهنجي قومي اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي قومي قدرن کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي پختي عزم کي ورجائڻو پوندو، ھنن چيو تہ آزادي الله تعاليٰ جي ھڪ عظيم نعمت آهي ۽ 14 آگسٽ اسان لاءِ سڀ کان اهم ڏھاڙو آهي تنهنڪري اسان کي ان ڏھاڙي کي ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي، الله تعاليٰ اسان جي پياري ملڪ کي پنھنجي بيشمار نعمتن سان نوازيو آهي جڏهن تہ وطن عزیز اسان جي بزرگن جي بيشمار قربانين جو ثمر آهي انڪري لکين شهيدن جي قربانين کانپوءِ حاصل ڪيل آزادي جي حفاظت ۽ پنهنجي پياري وطن جو تحفظ ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري ۽ فرض آهي، هنن چيو تہ اڄوڪي ڏهاڙي اسان کي اهو عهد ڪرڻ گهرجي تہ پاڪستان جي سالميت لاءِ آئنده ڪنهن بہ قرباني کان نہ ڪيٻائينداسين ۽ انشاءَ الله اسين سڀئي مستقبل ۾ بہ پنهنجي پياري وطن جي حفاظت ۽ انجي خدمت ۾ ڏينھن رات مصروف رهنداسين، هنن چيو اڄ آزادي جي موقعي تي اسان کي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ نہ وسارڻ گهرجي جيڪي انتهائي خراب حالتن ۽ ھندستان جي غيرقانوني قبضي ۾ ناقابل بيان جبر هيٺ پنهنجي حق خوداراديت لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن ان ڪري اسان سڀئي پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي انصاف لاءِ ڀرپور حمايت جاري رکنداسين ۽ ڪشميرين سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاء هن وقت بہ عالمي برادري ڏانهن ڏسي رهيا آھيون، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جا سمورا آفيسر ۽ ملازم اداري جا اثاثا آهن جڏھن تہ ڪارپوريشن جو شهر قائد جي ترقي ۽ شهرين جي خدمت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي ۽ اڄ اسان سڀني کي اهو عهد ڪرڻو پوندو تہ پنهنجي اداري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪنداسين جڏھن تہ واٽر ڪارپوريشن سڀني شهرين کي بنا ڪنهن مذهب، قوم، ذات پات ۽ نسل جي فرق جي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون سموريون سهولتون فراهم ڪري ٿو ان کان علاوه تازو برساتن ۽ محرم الحرام دوران شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي واٽر ڪارپوريشن جي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي خراج تحسين پيش ڪندي اھيا اميد ڪيان ٿو تہ هوء مستقبل ۾ بہ شهر جي خدمت بلخصوص ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا، تقريب ۾ محمد ايوب شيخ، سيد عمران زيدي، ساجد نظام، محمد حنيف بلوچ، سعيد شيخ، انتخاب احمد راجپوت، سڪندر زرداري، انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن ۽ سي بي اي جي عهديدارن سميت ٻين مزدور اڳواڻن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڪستان زندہ باد جا زوردار نعرا هنيا.

جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي-آر-او)
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن

Karachi Water Board

Office of Information Technologies

Previous CEO Water Corporation Engineer Syed Sallahuddin Ahmed unfurling the national flag at MD Secretariat Water Corporation on the occasion of 76th Independence Day.

Leave Your Comment