Customer Service Centre: 9924513899245140

*Dated: ****27-04-2023 *****COO Water Board Engineer Asadullah Khan, Syed Imran Zaidi, Muhammad Saqib, Sajid Nizam and other officers and employees of Water Board participated in the opening ceremony*****On the occasion of the opening ceremony, CEO Water Board and COO Water Board unfurled the flag and prayed for the development of the beloved country of Pakistan.*****Inshallah, the additional revenue that will come to the water board will be spent only on the improvement of the employees. COO Water Board Engineer Asadullah Khan****Providing better medical facilities and healthy environment to the employees is one of our top priorities. CEO Water Board Engineer Syed Salahuddin Ahmed****Health cards will also be given to the employees so that they can get better facilities for timely treatment. CEO Water Board Engineer Syed Salahuddin*****All officers and employees of the Water Board are standing together. Engineer Syed Salahuddin Ahmed***** ***Strict legal action will be taken against all the accused involved in the theft to bring them to justice. CEO Water Board********* *******The Water Board is working well under the supervision of CEO/MD Water Board Engineer Syed Salahuddin Ahmed and COO Water Board Engineer Asadullah Khan. Sindh Local Government Minister ******Constomer Services Center Lower Block A Ninth Mile Karsaz Shahrah Faisal Lal Qila Restaurant Karachi Phone:-021-99245138-43 Fax 021-99245190 Whatup:0319-2046357 *************** r**
27 اپريل 2023 / ميڊيا سيل / ايم ڊي / سي اي او / ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ
پريس ريليز:-
ڪراچي:- ( ) سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران ملازمن جي طبي مسئلن جي فوري حل ڪرڻ ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي هڪ ٻيو سٺو ۽ اهم قدم کڻندي ملازمن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ نئين قائم ڪيل مرڪزي صحت آفيس سي او ڊي فلٽر پلانٽ واٽر بورڊ ۽ مرڪزي ھيڊ آفيس سوڪ سينٽر واٽر بورڊ جي نئين سر بحالي جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاحي تقريب ۾ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان، محمد ثاقب، سيد عمران زيدي، ساجد نظام، انتخاب راجپوت، سڪندر زرداري، جميل انصاري، نديم احمد ڪرماڻي، سردار شاھ، سجاد شاھ، سيد عامر وقار، عامر رشيد، ارشاد خان سميت واٽر بورڊ جي آفيسرن ۽ ملازمن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، افتتاحي تقريب جي موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ ۽ سي او او واٽر بورڊ قومي جهنڊو ڦڙڪائي وطن عزيز پاڪستان جي ترقي لاءِ دعا گهري، تقريب جي موقعي تي سي بي اي جي چيئرمين ارشاد خان پاران واٽر بورڊ انتظاميا جي سٺن قدمن کي ساراهيندي سي اي او واٽر بورڊ ۽ سي او او واٽر بورڊ کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي چيو تہ سي بي اي طرفان اداري سميت ملازمن جي بهتري لاءِ سٺا قدم کڻڻ تي انتظاميا سان مڪمل تعاون ڪيو ويندو، تقريب کي خطاب ڪندي سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران مرڪزي صحت آفيس جو افتتاح ڪرڻ تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ ڊي ايم ڊي فنانس سيد عمران زيدي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ انشاءَ الله هاڻي واٽر بورڊ جي جيڪا اضافي آمدني ايندي اھا صرف ملازمن تي ئي خرچ ٿيندي، هن سي بي اي سميت سمورن ٽريڊ يونين اڳواڻن کي گذارش ڪندي وڌيڪ چيو تہ واٽر بورڊ جي آفيسن جي صفائي سٿرائي جي حوالي سان انتظاميا سان ڀرپور تعاون ڪيو وڃي، افتتاحي تقريب جي مهمان خاص سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد خطاب ڪندي چيو تہ ملازمن کي بهتر طبي سهولتون ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، ان سلسلي ۾ انتظاميا پاران ملازمن جي ڀلائي ۽ وڌيڪ بهتري لاءِ سٺا قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو تہ سمورن ملازمن کي جلد صحت ڪارڊ ڏنا ويندا تہ جيئن ملازمن کي بروقت علاج جون بهتر سهولتون مھيا ٿي سگھن، هن چيو تہ واٽر بورڊ جا سمورا آفيسر ۽ ملازم گڏ بيٺل آهن ۽ اسان سڀئي ملي ڪري ملازمن سميت اداري ۽ خاص ڪري شهر جي وڌيڪ بهتري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين ۽ انشاءَالله تمام جلد ملازمن سميت اداري ۾ تمام گهڻي خوشحالي ايندي، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ پاران سي بي اي چيئرمين جي درخواست تي آئوٽ اسٽيشن ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي ملازمن جي لاءِ ڊسپينسري، ڊاڪٽرن جي موجودگي، ميڊيڪل اسٽور سميت آئوٽ اسٽيشن واٽر بورڊ جي ڪالونين ۾ پاڻي جي مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو، بئي طرف انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ، سي بي اي سميت ٻين آفيسرن ۽ ملازمن پاران مرڪزي صحت آفيس جي قيام ڪرڻ تي سي اي او واٽر بورڊ ۽ سي او او واٽر بورڊ جو شڪريو ادا ڪندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو.
جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي-آر-او)
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ

Karachi Water Board

Office of Information Technologies

Previous On the occasion of the opening ceremony, CEO & COO KW&SB unfurled the flag and Prayed for the development of the beloved country

Leave Your Comment