ڪراچي:- ( ) ڊي.ايم.ڊي ايڇ آر ڊي واٽر بورڊ محمد نسيم خان مدو پورو ٿيڻ تي رٽائرڊ.
ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان ۽ انجنيئرز آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ پاران محمد نسيم خان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار
تفصيل موجب ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو سينيئر آفيسر ۽ ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايڇ.آر.ڊي محمد نسيم خان مدو پورو ٿيڻ تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي ويو، ان موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران محمد نسيم خان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو تہ محمد نسيم خان جون واٽر بورڊ جي لاء ڪيل خدمتون هميشہ ياد رکيون وينديون، ايم ڊي واٽر بورڊ وڌيڪ اميد ظاهر ڪندي چيو تہ ايندڙ ڊي.ايم.ڊي ايڇ آر ڊي واٽر بورڊ اداري ۽ ملازمن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، ٻئي پاسي انجنيئرز آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ جي صدر نديم ڪرماڻي، جنرل سيڪريٽري شعيب تغلق ۽ فنانس سيڪريٽري محمد ثاقب پاران محمد نسيم خان جي خدمتن کي ساراهيندي چيو تہ محمد نسيم خان جو خال کي ڀرڻ ۾ گھڻو وقت لڳندو، ان موقعي تي انجنيئرز آفيسرز ايسوسي ايشن واٽر بورڊ جي عهديدارن پاران محمد نسيم خان کي اداري لاءِ بھترين خدمتون سرانجام ڏيڻ تي گلدستا ۽ يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.
جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ