Customer Service Centre: 9924513899245140

*Dated: **14-09-2023*******Sodium hypochlorite is being added to the water under the direction of the Pakistan Council of Research in Water Resources and with the support of UNICEF to prevent drinking water-borne diseases in the city. Interpreter****The purpose of adding sodium hypochlorite is to protect citizens from cholera and other diseases. Spokesman Water Corporation****Water Corporation adds the required amount of chlorine to the water as per the standard and quantity prescribed by the World Health Organization*****The purpose of adding sodium hypochlorite is to protect citizens from cholera and other diseases. Spokesman Water Corporation****Sodium hypochlorite is being provided by the leading company of Pakistan. ****Water Corporation adds the required amount of chlorine to the water as per the standard and quantity prescribed by the World Health Organization. ***The process of adding chlorine to the water supplied from all government hydrants of the Water Corporation has also been ensured. ****All project costs are being borne by UNICEF. Spokesman Water Corporation ********The restoration of the affected line should be completed on an emergency basis. Directed by CEO Water Corporation Engineer Syed Salahuddin Ahmed*** ******Constomer Services Center Lower Block A Ninth Mile Karsaz Shahrah Faisal Lal Qila Restaurant Karachi Phone:-021-99245138-43 Fax 021-99245190 Whatup:0319-2046357 *************** r**

CEO KW&SB Engineer Syed Salahuddin Ahmed & COO KW&SB Engineer Asadullah Khan Participated In Milad-Ul-Nabi (PBUH) @ MD Secretariat

Karachi:- ( ) Milad-Ul-Nabi (PBUH) was organized @ MD KW&SB Secretariat, In which CEO KW&SB Engineer Syed Salahuddin Ahmed, COO KW&SB Engineer Asadullah Khan along with all officers & employees of KW&SB along with scholars & Naat Khawan participated.
Qari Numan Naqshbandi Naimi recited from the Holy Quran on Milad-ul-Nabi (PBUH)، Haji Siddique Ismail, Rais Ahmed, Muhammad Babar Mughal & Talat Hussain presented Naat-E-Rasool Maqbool (PBUM), While Mufti Muhammad Abid Mubarak Al Madani gave detailed speech on biography Of HOLY PROPHET HAZRAT MUHAMMAD PBUH & Syed Muhammad Ali Shah offered a special prayer for the development, prosperity & security of the country & the city.
COO KW&SB Engineer Asadullah Khan said that we get the lesson of peace, brotherhood & tolerance from the Prophet’s biography.
CEO KW&SB Engineer Syed Salahuddin Ahmed while speaking said that it is a matter of honor for all of us to participate in this blessed event.
He Said devotion with which scholars & Naat Khawan reciters have described attributes of HOLY PROPHET HAZRAT MUHAMMAD (PBUH) In this bright gathering & has definitely not only proved to be a source of rewards for all us, but through it we have learned from HOLY PROPHET HAZRAT MUHAMMAD (PBUH).
He Said we should try our best to live our lives according to teaching & life of our HOLY PROPHET HAZRAT MUHAMMAD (PBUH).
He Further Said Today, in this blessed gathering, we all have to pledge that we will leave no stone unturned for the betterment of the city including KW&SB.
پريس ريليز:-

ڪراچي:- ( ) واٽر بورڊ ۾ سيرت النبي ﷺ جي سلسلي ۾ عظيم الشان محفل منعقد ڪئي وئي

الله تعالي حضور اڪرم ﷺ کي سمورن جھانن لاءِ رحمت العالمين بڻائي ڪري موڪليو. سي اي او واٽر بورڊ انجينئر سيد صلاح الدين احمد

تفصيل موجب حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت باسعادت جي موقعي تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پاران سيرت النبي مصطفيٰ ﷺ جي سلسلي ۾ عظيم الشان محفل ايم ڊي واٽر بورڊ سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد، سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان سميت واٽر بورڊ جي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن سميت ناليواري عالمن ۽ مشھور نعت خوان شرڪت ڪئي، محفل جي شروعات قاري نعمان نقشبندي نعيمي قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي، ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي معروف نعت خوانن الحاج صديق اسماعيل، رئيس احمد، حمد بابر ۽ مغل طلعت حسين نعت مقبول ﷺ جي سعادت حاصل ڪئي، جڏهن تہ مفتي محمد عابد مبارڪ المدني سيرت النبي ﷺ تي تفصيلي تقرير فرمائيندي چيو تہ حضرت محمد مصطفي ﷺ جي اسواءِ حسنہ ۽ سيرت پاڪ نہ رڳو اسان لاءِ مثال آهي بلڪه زندگي جي هر شعبي لاءِ هڪ بهترين واٽ ۽ مشعل راه آھي، انسان کي دنيا ۽ آخرت جي حقيقي ڪاميابي صرف حضور اڪرم ﷺ جي سنت مبارڪ ۽ قرآن مجيد جي تعليمات تي عمل ڪرڻ سان حاصل ٿي سگھي ٿي، حضرت محمد مصطفي ﷺ جي ولادت با سعادت کانپوءِ دنيا مان ظلم ۽ جهالت جو ھميشہ جي لاء خاتمو اچي ويو، سيرت نبي پاڪ ﷺ اسان کي پيار، محبت، صبر، رواداري، هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿي، ھن واٽر بورڊ ملازمن کي خطاب ڪندي چيو تہ پاڻي پهچائڻ ۽ پيارڻ جو ثواب سڀ کان وڏو آهي ان ڪري اميد ڪريان ٿو تہ واٽر بورڊ عملدار پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا، ھن چيو تہ حلال ڪمائڻ وارو الله تعاليٰ جو محبوب ھوندو آھي ۽ رزق جي ذميواري الله تعالى پاڻ کنئي آهي، حديث شريف ۾ آهي تہ حلال رزق حاصل ڪرڻ لاءِ ذلت برداشت ڪرڻ واري کي الله تعاليٰ بخشيندو آهي جڏهن تہ حرام ڪمائيندڙ جي عبادتون قبول نہ ٿينديون آهن محفل جي موقعي تي سي او او او واٽر بورڊ انجينئر اسدالله خان چيو تہ سيرت النبي ﷺ مان اسان کي امن ڀائيچاري رواداري جو درس ملي ٿو، سيرت النبي مصطفيٰ ﷺ جي موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پنھنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو تہ هن بابرڪت محفل ۾ شرڪت اسان سڀني لاءِ باعث فخر جھڙي ڳالھ آهي، ھن چيو تہ الله تعالي حضور اڪرم ﷺ کي سمورن جھانن لاءِ رحمت العالمين بڻائي ڪري موڪليو آهي، حضرت نبي ڪريم ﷺ جي اوليائن جي ڪري اسلام 1400 سالن ۾ تيزيءَ سان پکڙيو، هن وڌيڪ چيو تہ ھن پرنور سيرت النبي مصطفيٰ ﷺ جي محفل ۾ جنهن محبت ۽ عقيدت سان ناليواري عالمن ۽ مشھور نعت خوان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جون خوبيون بيان ڪيون آهن يقيناً اهو نہ صرف اسان سڀني لاءِ ثواب جو ذريعو ثابت ٿيو پر ان جي ذريعي اسان کي حضور اڪرم ﷺ جي صفتن کان واقفيت جو موقعو بہ مليو آهي، حضرت نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ ۾ دنيا ۽ آخرت ٻنهي جھانن جي ڀلائي آهي، اسان کي پنهنجي پياري نبي حضرت محمد مصطفي ﷺ جي تعليمات ۽ زندگي جي مطابق زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ايم ڊي سيڪريٽريٽ ۾ ميلاد النبي ﷺ منعقد ڪرڻ جو اصل مقصد اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفي ﷺ جن جي تعليمات کي اجاگر ڪرڻ آھي، اسان کي پنھنجي پياري وطن کي نبي پاڪ ﷺ جي سيرت مطابق اپنائڻ لاء سڀني کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، اسان جي خوشقسمتي آهي جو اسين نبي آخري زمان حضرت محمد مصطفي ﷺ جا امتي آھيون، ان موقعي تي ھن واٽر بورڊ جي تمام عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ اڄ هن بابرڪت محفل ۾ اسان سڀني کي اهو عهد ڪرڻو آهي تہ واٽر بورڊ سميت شهر جي بهتري لاءِ ڪابہ ڪسر نہ ڇڏينداسين، محفل جي آخر ۾ سيد محمد علي شاھ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي، سلامتي سميت شھر جي بھتري لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي.

جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي۔آر۔او)
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ

Karachi Water Board

Office of Information Technologies

Previous KWSB NEWS

Leave Your Comment